| انڊونيشيا جو غزه امن بورڊ لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ کان انڪار |
جڪارتا (م ڊ) انڊونيشيا ايران خلاف آمريڪا-اسرائيل جنگ جي نتيجي کان پنهنجي معيشت کي بچائڻ لاءِ بجيٽ ۾ 80 ٽرلين روپيا (4.7 بلين ڊالر) تائين بچت جو فيصلو ڪيو آھي. تيل ۽ توانائي جي بچت تي بھ غور ڪيو پيو وڃي. جنھن ۾ حڪومت ۽ ڪجهه سرڪاري شعبي جي ڪارڪنن لاءِ هفتي ۾ هڪ ڏينهن گھران ڪم ڪرڻ شامل آهي. صدر پرابوو سبيانتو صحافين کي ٻڌايو ته حڪومت توانائي جي استعمال کي گهٽائڻ ۽ قابل تجديد توانائي جي پيداوار کي وڌائڻ سان خرچ گهٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻئي طرف انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو چيو ته انڊونيشيا غزه امن بورڊ ۾ ميمبرشپ لاءِ هڪ ارب ڊالر ادا نه ڪندو. اسان رڳو امن فوج فراهم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو هو. غزه ۾ انڊونيشيائي فوج جو ڪردار امن فوج تائين محدود آهي، اسان امن فوج جي گهربل تعداد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.