| انڊونيشيا ۾ جمعي نماز دوران اسڪول جي مسجد اندر ڌماڪو، 54 ڄڻا زخمي |
جڪارتا(م ڊ) انڊونيشيا جي راڄڌاني جڪارتا ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيئي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڌماڪو اتر جڪارتا جي ضلعي کيلاپا گيڊنگ واري علائقي جي هڪ هاءِ اسڪول ڪمپليڪس اندر قائم مسجد ۾ ٿيو. سٽيا پوليس سربراهه جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ 54 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪيترائي ماڻهو سڙي سخت زخمي ٿيا، ڪجهه معمولي زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 17 ڄڻن کي شروعاتي طبي امداد ڏئي روانو ڪيو ويو. جڪارتا ميٽروپوليٽن پوليس ڌماڪي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، بم ڊسپوزل ٽيم به علائقي ۾ تلاشي جو عمل مڪمل ڪري رهي آهي.