انڊيا جي ڪاميڊين ڀارتي سنگهه ٻئي پٽ کي جنم ڏنو

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) انڊيا جي ڪاميڊين ڀارتي سنگهه ۽ هرش لمباچيا ٻئي ٻار جو استقبال ڪيو آهي. انڊيا ٽوڊي موجب ڀارتي سنگهه کي جمعي ڏهاڙي صبح جو اسپتال آندو ويو، جتي هن پٽ کي جنم ڏنو.  هن وقت ڀارتي سنگهه ڪڪنگ شو ‘لافٽر شيف’ جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي، واضح رهي ته ڀارتي ۽ هرش جو پهريون ٻار لڪش سنگهه 2022 ۾ پيدا ٿيو هو.