انڌيرنگري: ميرپورخاص ۾ 6 جعلي سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ڀرتي:آءِ ڊيز به الاٽ

انڌيرنگري: ميرپورخاص ۾ 6 جعلي سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ڀرتي:آءِ ڊيز به الاٽ

ڪراچي (رپورٽ: شاھد ميراڻي) تعليم کاتي ۾ استادن جي جعلي ڀرتين جو اسڪينڊل ظاهر، 6 ڄڻن کي گريڊ 16 ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ڀرتي ڪري کين جعلي آءِ ڊيز به الاٽ ڪيون ويون ، تعليم کاتي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي خط لکي ميرپورخاص ۾ ڀرتي ٿيل 6 ئي جعلي استادن جون پگهارون بند ڪرڻ ۽  کنيل پگهارن واري رقم واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص ضلعي ۾ گريڊ 16 ۾ 6 سيڪنڊري اسڪول ٽيچر فهد علي، انيل ڪمار، شاهه رخ خان، زاهد علي، ارشد علي ۽ عابده پروين ڀرتي ڪيا ويا آهن،  ذريعن موجب اسڪول ايجوڪيشن کاتي انهن ڀرتين کي جعلسازي قرار ڏنو آهي، مزي جي ڳالهه اها آهي ته جعلي طور تي ڀرتي ڪيل استادن کي پرسنل آءِ ڊي نمبر پڻ الاٽ ڪيا ويا. کاتي جي آءِ ٽي سيڪشن جعلي آفر آرڊرن تي بارڪوڊ پڻ لڳايو، جعلي بارڪوڊ کانپوءِ آئي ٽي سيڪشن پاران جعلي آءِ ڊي الاٽ ڪئي وئي، استادن جي ڀرتي جعلي ثابت ٿيڻ کانپوءِ کاتي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي خط لکي جعلي استادن جون پگهارون روڪڻ ۽ ورتل پگهارون واپس وٺڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. جعلي استادن جي پرسنل آءِ ڊي کي بلاڪ ڪيو ويوآهي، اسڪول ايجوڪيشن کاتي استادن جي جعلي ڀرتي ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي هئي.