پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي تازي رپورٽ موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) ۾ 25 ارب رپين جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. انهن بي ضابطگين تحت 6 لک کان وڌيڪ نااهل ۽ غير مستحق ماڻهن کي اربين رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون. 12,078 سرڪاري ملازمن، پينشنرن ۽ انهن جي جيون ساٿين 51 ڪروڙ 57 لک رپيا وصول ڪيا. ناقص پروفائلنگ سبب هڪ ئي سڃاڻپ ڪارڊ تي ٻٽو اندراج ٿيو، ۽ ساڳئي قسم جي ڊيٽا رکندڙ 5,558 عورتن جا مڙس ھڪڙا ئي شخص نڪتا.
آڊيٽر جنرل پاڪستان جي تازي رپورٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) اندر 25 ارب رپين کان وڌيڪ مالي بي ضابطگين جو انڪشاف نه رڳو ڳڻتي جوڳو آهي، پر اهو سوال به اٿاري ٿو ته ملڪ جي غريب ۽ مستحق طبقي جي نالي تي هلندڙ هي پروگرام پنهنجي اصل مقصدن جي حاصلات ۾ ڪيترو ڪامياب رهيو آهي. هڪ پاسي اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، ته ٻئي پاسي مالي شفافيت، احتساب ۽ نتيجن بابت سنگين سوال سامهون اچي رهيا آهن.
بي آءِ ايس پي جو بنيادي مقصد غربت ۾ گهيريل خاندانن، خاص طور تي عورتن، کي معاشي سهارو فراهم ڪرڻ هو. پر گذريل ڪيترن سالن جي تجربي مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هي پروگرام مستقل طور تي ماڻهن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ بدران عارضي مالي امداد تي ڀاڙڻ واري نفسيات کي هٿي ڏئي رهيو آهي. هر ڪجهه مهينن بعد امدادي رقم جي انتظار ۾ رهڻ واري سوچ، خود انحصاري جي جذبي کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ هڪ اهڙي سماجي لاڙي کي جنم ڏئي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي صلاحيتن ۽ محنت بدران امدادي رقم تي ڀاڙڻ لڳن ٿا. افسوس جو هڪ ٻيو پهلو اهو به آهي ته رقم حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن کي بينڪن، فرنچائزن، ادائگي سينٽرن ۽ ڊوائيس هولڊرن وٽ جيڪا تڪليف ۽ تذليل برداشت ڪرڻي پوي ٿي، اها ڪنهن به باوقار سماج لاءِ مناسب ناهي. ڊگهيون قطارون، فني خرابين جا بھانا، ناجائز ڪٽوتيون ۽ عملدارن جا نامناسب رويا، انهن عورتن جي عزت نفس کي مجروح ڪن ٿا، جيڪي اڳ ئي معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن.
محترمه بينظير ڀٽو جو سياسي ۽ سماجي مشن عورتن کي بااختيار بڻائڻ، کين معاشي طور خودمختيار ڪرڻ هو. سندن سوچ اها هرگز نه هئي ته عورتون مستقل طور سرڪاري امداد جون منتظر بڻجي وڃن. جيڪڏهن اڄ بي آءِ ايس پي جي نتيجي ۾ عورتن جي هڪ وڏي تعداد ۾ محتاجي واري نفسيات پيدا ٿي رهي آهي ته پوءِ پروگرام جي ڍانچي ۽ حڪمت عملي تي سنجيدگي سان نظرثاني جي ضرورت آهي. حقيقت اها آهي ته غربت جو مستقل علاج روڪ امداد نه، پر روزگار، مهارت ۽ پيداوار آهي. جيڪڏهن اربين رپين جي انهن وسيلن مان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ عورتن لاءِ ننڍيون صنعتون، ڪپڙي، دستڪاري، زرعي پروسيسنگ ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل هُنري مرڪز قائم ڪيا وڃن ها ته هزارين عورتون روزگار حاصل ڪري سگهن ها. انهن کي فني تربيت، بنا وياج يا گهٽ وياج وارا قرض ۽ ڪاروباري سهولتون مهيا ڪري معاشي طور خودمختيار بڻائي سگهجي ٿو.
وقت جي ضرورت آهي ته بي آءِ ايس پي کي صرف امدادي پروگرام طور هلائڻ بدران ان کي عورتن جي معاشي بحالي ۽ خود انحصاري واري جامع منصوبي ۾ تبديل ڪيو وڃي. مالي بي ضابطگين جي مڪمل جاچ، ذميوارن جو احتساب ۽ وسيلن جي مؤثر استعمال سان گڏ اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪا ماڻهن کي هٿ ٽنگڻ بدران ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري. ملڪ جي غريب عورتن کي خيرات نه، پر عزت سان روزگار ۽ ترقي جا موقعا گهرجن. اها ئي محترما بينظير ڀٽو جي سوچ جي حقيقي ترجماني ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي جو رستو آهي.