انڪم ٽيڪس ڪيسن ۾ اسٽي آرڊر خلاف درخواست منظور: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جو فيصلو رد

انڪم ٽيڪس ڪيسن ۾ اسٽي آرڊر خلاف درخواست منظور: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جو فيصلو رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت انڪم ٽيڪس ڪيسن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي اسٽي آرڊر خلاف داخل درخواست منظور ڪندي هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران نجي بئنڪ جي وڪيل فيصل صديقي عدالت ۾ پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته هن جي ڪيس ۾ آئيني بينچ وٽ اختيار ئي ڪونه هو جو هو ڪو فيصلو جاري ڪري. جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته جڏهن آرڊر جاري ڪيو ويو، تڏهن 26هين آئيني ترميم نافذ هئي، اهڙي صورتحال ۾ ڪيس جو آئيني بينچ وٽ وڃڻ ڪيئن غير مناسب ٿي سگهي ٿو. عدالت نشاندهي ڪئي ته ان وقت آئيني بينچ ان وقت ريگولر ۽ آئيني ٻنهي قسمن جا ڪيس ٻڌندو هو، پر قانون واضح ڪري ٿو ته آئيني نوعيت جا ڪيس آئيني بينچ ڏانهن ويندا جڏهن ته ٻيا ڪيس ريگولر بينچ اڳيان پيش ڪيا ويندا. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن هڪ الڳ نظام ٺاهيو ويندو آهي ته ان جو مقصد به هوندو آهي ۽ اختيار کان ٻاهر جاري ڪيل ڪو به فيصلو قانوني حيثيت نٿو رکي. دليل ٻڌڻ بعد ٻه رُڪني بينچ نجي بئنڪ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي اسٽي آرڊر کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.