1857ع جي بغاوت جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ٿو ته سڀني مذهبي ڌرين برطانيا راڄ جي خلاف اتحاد ڪيو. انهيءَ بغاوت جي خاتمي سان ان وقت آزادي جي جدوجهد جي شمع وسامي نه سگهي. تحريڪن برطانيا راڄ جي مفادن خلاف پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائڻ شروع ڪيو ويو. پوءِ سنڌ ۾ سيد تاج محمد شاهه امروٽي ۽ ٻين اُتر ۾ انگريز حڪومت خلاف محب وطن اڳواڻ پيدا ڪيا، ۽ پير صاحب پاڳاري ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن مرڪز توڙي جو ڏاکڻين علائقن ۾ پنهنجو دانشمندانه ڪردار نڀائڻ واري عمل کي جاري رکيو پر انهيءَ سان گڏوگڏ ميدان ۾ عملي طور تي وڙهندا رهيا. ٻئي طرف مسلمانن ڏٺو ته منظم رٿابندي تحت جديد تعليم ۽ سائنس کي هٿيار بڻائي انگريز راڄ خلاف ويڙهه ڪري سگهجي ٿي، ٻي صورت ۾ انگريزن خلاف وڙهي نه ٿو سگهجي. مولانا محمد علي جوهر ۽ سندس “تحريڪ احرار”، علامه مشرقي، خان عبدالغفار خان جي “خدائي خدمتگار” اهڙي قسم جون تحريڪون هيون. اهي انگريز سامراج جي سخت مخالفت ڪندا رهيا. ايستائين جو انگريز حڪومت جي خلاف آل انڊيا ڪانگريس سان گڏ بيهڻ سميت هر ڪنهن سان گڏ بيهڻ يا سهڪار ڪرڻ جا خواهشمند رهيا، جيڪي انگريز سامراج مان نجات حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. جمال الدين افغاني ۽ محمد علي جوهر جهڙن ڪجهه عالمن ۽ اڳواڻن جو اهو به خيال هو ته برطانوي تعليمي نظام کي قبول ڪري انگريز راڄ جي خلاف استعمال ڪري هنن کي پنهنجي خطي مان ڌڪي ڪڍجي. ڪجهه اهڙا به اڳواڻ هئا، جن چاهيو ٿي ته ڀلي انگريزن جي راڄ کي قبوليو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ هندن جي بالادستيءَ مان نجات حاصل ڪجي. انهن يورپي تعليمي نظام انهيءَ ڪري نه ٿي قبول ڪيو ته هنن سمجهيو ٿي ته اهو نظام اسان جي معاشري ۾ نوجوانن ۾ اخلاقي برايون پکيڙڻ جو سبب بڻبو.
ڪجهه اهڙا اڳواڻ ۽ عالم هئا، جن ته صفا اهو نه ٿي چاهيو ته انگريز سامراج جي حاڪميت هتي هُجي ۽ برطانوي تعليمي نظام رائج ٿئي، تنهنڪري انهن ۾ جمعيت علماءِ هند، ٻين ڪيترين ئي جماعتن سميت پير سيد صبغت الله شاهه انهيءَ سوچ تي بيٺل نظر آيا ۽ انهيءَ تي ڪم به ڪيو. انهن مان گهڻن ماڻهن ته انڊيا کي “دارُالحرب” (جنگين جو گهر) سمجهي ڇڏيو، جو ٻاهرين آيل قبضاگيرن مان جان ڇڏائڻ لاءِ جهاد ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ٽئين پاسي، غير يقيني صورتحال ۾ ڪم ڪندڙ مذهبي گروپ، جانهن سوچيو ته ٿورو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. فرنگي راڄ کي قبولجي، ۽ روايتي اسلامي عقيدن ۽ عملن کي پکيڙجي يا جاري رکجي. مذهب ۽ سياست کي الڳ ڪري رکجي. محمد ذڪريا ۽ تبليغي جماعت هن سان گڏ ٿي ويا. هنن برطانوي تعليمي نظام جي خلاف ڪجهه ڪرڻ به نه ٿي چاهيو. انهن کي اها به خبر هئي يا کيس مطمئين ڪيو ويو هو ته هتي انگريز راڄ جي خلاف ڪا منظم جدوجهد نه پئي ٿئي. هنن ماڻهن جي خواهش هئي ته برطانوي سامراج جي هتي وڌيڪ بهتري جي لاءِ حاڪميت قائم رهي ۽ اڳتي سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ اسان کي تيار ڪري گڏيل طور تي سياسي مسئلن تي ڪم ڪجي، جنهن سان ‘جهاد’ جي نڪتي تي جيڪي بيٺل نظر اچن پيا، سي اسان کي هن سطحي تي ڏسي تنگ ٿي ويندا.
ڳڙنگ بنگلو
پير صاحب پاڳارو يا درگاهه پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحه جون ٽن جڳهين تي پيراڻيون ملڪيتون رکيون آهن. خيرپور رياست سميت ٻيا ٽي ضلعا به برطانوي راڄ جو حصو هئا.
1. پير جو ڳوٺ، جيڪو ضلعي سکر ۾ برطانوي انڊيا ( بمبئي/سنڌ)
2. ڪيٽي، خير پورر رياست ۾ .
3. نواب شاهه ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ زمين، مرڪز ڳڙنگ بنگلو، تعلقو سنجهورو، جيڪو سانگهڙ شهر جي ويجهو، جيڪو انهيءَ وقت ٿرپارڪر ضلعي ۾ هو.
حضرت پير سائين محمد راشد شاه روضي ڌڻي رحه جي جماعت جو روحاني مرڪز پير جو ڳوٺ هو، 1930ع دوران جڏهن سرڪاري مداخلت تي سورهيه بادشاهه تي جيڪي ڪيس ڪيا ويا هئا، انهن ڪيسن ۾ پير صاحب جي ويجهن خانداني ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو. پير صاحب جي اها خواهش هئي ته پير جو ڳوٺ کان پري ڪيٽي، خيرپور يا ڳڙنگ بنگلي تي رهجي. 1930ع دوران سي آءِ ڊي پير صاحب کي تنگ ڪرڻي لڳي، وري 1937ع کان 1941ع تائين پير صاحب سورهيه بادشاهه کي قابو ڪرڻ لاءِ پنهنجو نيٽ ورڪ جوڙيو ته جئين پير صاحب خيرپور، نوابشاهه، ٿرپارڪر ۽ سکر ۾ ڪي به سرگرميون نه ڪري سگهي، مانيٽرنگ ڪري سگهجي، فقط لهه وچڙ ۾ رهڻ تائين محدود ڪري سگهجي.
ڳڙنگ بنگلي جي تعمير
ڳڙنگ بنگلي جو تعميراتي ڪم 10 آڪٽوبر، 1935ع ۾ مڪمل ٿيو، جنهن جي احاطي ۾ يوم تشڪر يا خيرات جو انعقاد ڪيو ويو هو. محمد فقير مهر پاران هي بنگلو تعمير ڪرايو ويو هو. جڏهن 1936ع جي آخري مهينن ۾ پير صاحب قيد جون صعوبتون برداشت ڪري مدناپور جيل مان آزاد ٿي واپس موٽيا. پير صاحب ۽ سندس خاندان ڪڏهن ڪڏهن 1940ع ۾ اچي ڳڙنگ بنگلي تي عيد رجبي به ڪندا هئا.
19 مئي 1941ع کان رجبي عيد جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون، عيد ڪرڻ بعد 24 آڪٽوبر، 1941ع تي پير صاحب سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري ناگپور جي جيل سيئوني ڏانهن منتقل ڪيو ويو. پير صاحب جي فيملي ڳڙنگ بنگلي تي رهيل هئي. نوابشاهه جي ڊي ايس پي کان پوءِ نومبر، 1941ع ۾ A.E Davis اي اِي ڊيوس ڳڙنگ بنگلي ۾ تلاشي ورتي، کيس هٿيار نه مليا. هن انهيءَ تلاشي دوران بنگلي جي ٻاهران ٺاهيل ڪکائين جهوپڙين کي باهه لڳرائي ساڙائي ڇڏيو.
ايڇ ٽي لئمبرڪ کي مزاحمت ختم ڪرائڻ جي لاءِ اپريل، 1942ع تي مقرر ڪيو ويو، مقرر ٿيندي ئي ان ڪجهه بنيادي قدم کنيا، جن ۾ 30 اپريل 1942ع سانگهڙ ڀرسان قائم ڳڙنگ بنگلي تي ڇاپو هنيو ويو، پير صاحب جي گهر وارن کي ڪراچي ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي انهن کي سخت پهري هيٺ نظربند ڪري رکيو ويو. ٻئي طرف انگريز آفيسر لئمبرڪ ڳڙنگ بنگلي کي 26 مئي، 1942ع تي تباهه ڪيو. بنگلي کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ پُرتشدد ۽ خوفائتا غير قانوني ڪم ڪيا ويا. اهو ائين جئين جنوري ۽ فيبروري 1943ع دوران ڪوڙا ۽ جُڙتو ٽرائيل هلائي پير صاحب سورهيه بادشاهه کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو.