| انگريزن جي پيروي جو زهر اڃا موجود آهي، اداري ۽ حڪمران جي غلطي کي غلط چونداسين: فضل الرحمان |
سکر (بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سکر ۾ دستار فضيلت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته علم ناهي ته انسان ۽ حيوانن ۾ فرق ناهي، انگريز جي پرواهه ناهي، مسلمان حڪمران مدرسا بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن تي افسوس آهي. آمريڪا شريعت يا ڪنهن کي به خطرناڪ سمجهي ٿو ته اسان جا حڪمران به ان کي خطرناڪ سمجهن ٿا. مسلمان هجڻ تي لنڊن جي ميئر متعلق ٽرمپ چوي ٿو ان کان نفرت ڪريان ٿو مطلب اهو اسان جي شريعت کان نفرت جو اظهار ڪري رهيو آهي اسان ٻڌائڻ چاهيو ٿا سان نه ان کان نفرت ڪريون ٿا. اسان جي ملڪ ۾ اقوام متحده جي چوڻ تي اسلام ۽ سنت خلاف قانون سازي ڪئي وئي، گذريل حڪمرانن سان اختلاف هئا. موجوده حڪمرانن کي به ٻڌائڻ چاهيو ٿا اسلام لاءِ انهن سان جنگ ڪري سگهون ٿا. پاڪستان ٺهڻ باوجود انگريزن جي پيروي ڪرڻ جو زهر موجود آهي ته اهڙي حڪمراني خلاف جهاد ڪرڻ جا جراثيم اسان ۾ به زنده آهن. آئين ۾ اِهي ڳالهيون شامل ڪيون ويون جن تي حڪمران عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اسٽيبلشمينٽ ۽ بيورو ڪريسي کي دشمن نٿا سمجهون، ڪنهن اداري يا حڪمران جي غلطي کي غلط چوڻ اسان جو حق آهي. اسان جي ملڪ سان وفاداري ۽ دوستي کي تسليم ڪيو وڃي، خوشامدي سياست ناهيون ڪندا، حق جي ڳالهه ڪندا آهيون، حڪمران بنا سمجهه جي آمريڪي سوچ تي هلن ٿا، حڪمران اولهه نه اسلام جي پيروي ڪن، ديني مدرسا قائم ۽ جي يو آءِ جي جدوجهد جاري رهندي. ديني مدرسه اسلام جا قلعا آهن، جتان عالم، تقويٰ ۽ ڪردار سازي جو پيغام عام ٿئي ٿو، علم انسان کي انسان بڻائي ٿو، جيڪڏهن علم نه هجي ته پوءِ انسان ۽ حيوان ۾ فرق ڪيئن رهندو. ان موقعي تي جي يو آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عبد القيوم هاليجوي، علامه راشد محمود سومرو، مفتي سعودي افضل هاليجوي، علامه ناصر محمود سومرو، مولانا محمد صالح انڍڙ، مولانا عبدالله مهر، مولانا مير محمد ميرڪ، مولانا سراج احمد امروٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.