| انگلش ميڊيا پاران قومي ٽيم 50 سالن جي بدترين ٽيسٽ ٽيم قرار: سوشل ميڊيا تي سخت رد عمل |
لنڊن(اسپورٽس نيوز) هيڊنگلي ۾ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ جي شروعاتي ٻن ڏينهن دوران پاڪستان جي خراب ڪارڪردگي تي انگلش ميڊيا ۽ ڪرڪيٽ پنڊتن سخت تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته ”دي ٽيليگراف“ پاڪستان کي ”50 سالن جي بدترين ٽيسٽ ٽيم“ قرار ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب، هيڊنگلي ۾ پاڪستان جي بالنگ ۾ حقيقي رفتار نظر نه آئي ۽ بالنگ بي اثر محسوس ٿي، جڏهن ته فيلڊنگ پڻ اعتماد جوڳي نه رهي. برطانوي اخبار ”دي ٽيليگراف“ ان کان به سخت تبصرو ڪندي لکيو ته ”هي پاڪستان جي 50 سالن جي بدترين ٽيم آهي.“ سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان مداحن جا مختلف ردعمل سامهون آيا. ڪجهه واهپيدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي تنقيد کي درست قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پيدا ٿيل افراتفري سبب ٽيم جو زوال شروع ٿيو. هڪ ٻئي واهپيدار ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميا تي تنقيد ڪندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي گهرو وزارت حوالي ڪرڻ کانپوءِ ٽيم جي زوال جي شروعات ٿي. ان باوجود ڪجهه واهپيدارن انگلش ميڊيا جي سخت تنقيد کي رد ڪندي چيو ته ڪنهن ٽيم کي ”50 سالن ۾ انگلينڊ جو دورو ڪندڙ بدترين ٽيم“ قرار ڏيڻ وقت کان اڳ ۽ تڪبراڻو تبصرو آهي، خاص طور تي انگلينڊ جي پنهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي گذريل اٺن مهينن جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي. هڪ ٻئي واهپيدار انگلش ميڊيا تي منافقت جو الزام لڳائيندي چيو ته انگلينڊ جي پنهنجي هوم گرائونڊ ڪارڪردگي به تازو بهتر نه رهي آهي. هڪ پاڪستاني صارف ٽيم جي خراب صورتحال کي ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظامي معاملن سان ڳنڍيندي چيو ته ڪرڪيٽ ٽيم ۽ بورڊ ۾ مقرريون سفارشن ۽ پسند ناپسند جي بنياد تي ٿين ٿيون، تنهن ڪري موجوده صورتحال حيران ڪندڙ ناهي، پر پاڪستاني ڪرڪيٽ مداحن لاءِ ڏکوئيندڙ ضرور آهي.