انگلش ڪرڪيٽر مائڪل وان سڊني حملي ۾ خاندان سميت ذري تان بچي ويو

انگلش ڪرڪيٽر مائڪل وان سڊني حملي ۾ خاندان سميت ذري تان بچي ويو

سڊني (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائڪل وان آسٽريليا جي شهر سڊني جي سمنڊ ڪناري پيش آيل فائرنگ جي واقعي دوران ٻارن سميت هڪ ريسٽورنٽ ۾ بند هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. مائڪل وان جو چوڻ آهي ته ريسٽورنٽ ۾ بند ٿيڻ ڏاڍو ڀوائتو هو، پر اسان محفوظ گهر پهتاسين، ايمرجنسي فورسز ۽ هٿياربندن سان مقابلو ڪندڙ اهلڪارن جا ٿورائتا آهيون. سندس چوڻ هو ته ريسٽورنٽ جو بائونسر هٿ ۾ بندوق کڻي موٽي آيو ۽ مون کي اندر وڃڻ لاءِ چيو، اسان حملي کان رڳو ڪجهه سو قدمن جي فاصلي تي هئاسين ۽ خطري جا سائرن وڄي رهيا هئا. سندس چوڻ هو ته هو ڪُل ڇهه ڄڻا هئا، جنهن ۾ هو، سندس گهرواري، ڀيڻ، ٻه ڌيئرون ۽ سندن ساهيڙي، ان دوران مان پاڻ کي جيترو پرسڪون رکي سگهيس ايتري ڪوشش ڪئي.