| انگلينڊ جي قسمت جاڳي پئي، اٽلي کي هارائي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچي وئي |
ڪولڪتا (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 29 هين ميچ ۾ انگلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ اٽلي کي 24 رنسن تان شڪست ڏئي سُپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو . ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. 20 اوورن ۾ 7 وڪٽن جي نقصان تي 202 رنسون ٺاهيون، ول جيڪس 53 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ٽام بئنٽن 30، فل سالٽ 28 ۽ سيم ڪُرن 25 رنسون ٺاهيون. اٽلي طرفان گرانٽ اسٽيورٽ ۽ ڪرشن ڪالوگماگي ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ اٽلي جي ٽيم به ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ آخري اوور جي آخري بال تي 178 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. اٽلي طرفان بين ميينيٽي 60، گرانٽ اسٽيورٽ 45 ۽ جسٽن موسڪا 43 رنسون ٺاهيون، وِل جيڪس کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.