| انگلينڊ ڪرڪيٽ ڌڙابندي جو شڪار: ليونگسٽن جي سنگين الزامن تي راب ڪي به خاموشي ٽوڙي ڇڏي |
لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر راب ڪي چيو آهي ته آل رائونڊر ليام ليونگسٽن اڃا به انگلش ٽيم جي چونڊ لاءِ نظر ۾ آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ليونگسٽين کي نظر انداز ناهي ڪيو. هاڻ به ڪارڪردگي ڏيکاري قومي وائيٽ بال ٽيم ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. راب ڪي چيو ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ تيزي اچي وئي آهي انڪري رڳو تيز کيڏندر رانديگر ئي ٽيم ۾پنهنجي جاءِ برقرار رکي سگهن ٿا . هن چيو ته ليونگسٽن کي الزام هڻڻ بدران وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ هيٺيئن سطح تي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. جيتوڻيڪ هن تازي انٽرويو ۾ ٽيم مينيجمينٽ تي تنقيد ڪئي هئي. واضح رهي ته نگلش ڪرڪيٽر ليام ليونگسٽن انڪشاف ڪيو هو ته گذريل هڪ سال دوران سندس انگلينڊ ٽيم جي مئنيجمينٽ سان رڳو ٻه ڀيرا مختصر فون ڪالز تي رابطو ٿيو. ليام ليونگسٽن کي گذريل سال جي شروعات خراب ڪارڪردگي کانپوءِ انگلينڊ جي وائيٽ بال ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو هو. هن مئنيجمينٽ تي الزام لڳايو هو ته بورڊ کيس مسلسل نظرانداز ڪري رهيو آهي، هاڻي سندس واپسي جا امڪان گهٽ آهن. انٽرويو دوران هن چيو ته هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر راب ڪي جي دور ۾ ٽيم جو ماحول مايوس ڪندڙ رهيو. ليام ليونگسٽن موجب، کيس چيو ويو ته هو گهڻي ڳڻتي ڪري ٿو، جڏهن ته ٽيم ۾ هڪ خاص ڌڙي کان ٻاهر رانديگرن جو خيال نه ڪيو ويندو آهي. ٻئي پاسي راب ڪي ان تاثر کي رد ڪندي چيو ته هر رانديگر کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.