اهم قانون سازي؟ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

اهم قانون سازي؟ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت  قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ڌار ڌار اجلاس 27 نومبر تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن مطابق ٻنهي ايوانن جا سيشن معمول ۽ پارلياماني ڪلينڊر تحت طلب ڪرڻ لاءِ صدر کي سمري اماڻڻ جي تياري ڪئي وئي آھي، ٻنهي ايوانن جي 27 نومبر کان طلب ٿيندڙ اجلاسن ۾ معمول جي ايجنڊا تي غور ٿيندو، ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته 28 هين آئيني ترميم کي طلب ڪيل ٻنهي ايوانن جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ بابت ايجنڊا تي اڃا ڪو به غور ويچار نه ڪيو ويو آھي.