اهو به پاليسي فيصلو ڪريو ته سول نظام ناڪام ٿي چڪو، سڀ ڪيس فوجي عدالتن ۾موڪليو: آئيني بينچ

اپريل 29, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن متعلق ڪيس ۾ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پاليسي وارو فيصلو حڪومت جي مرضي آهي، عدالت کي ته پنهنجو ڪيس ڏسڻو آهي. حڪومت جي پاليسي فيصلي سان ڪيس تي ڪو به اثر نه پوندو، هي پاليسي فيصلو به ڪيو وڃي ته سول نظام ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ سڀ ڪيس فوجي عدالتن حوالي ڪيا وڃن. پارليامينٽ جي صوابديد آهي ته آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري يا نه ڪري. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ سويلنز جي ملٽري ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته ٽي نقطا عدالت آڏو رکندس. پهريون اهو ته 9 مئي تي ڇا ٿيو. ٻيو عدالت کي ڏنل خاطريءَ تي عملدرآمد بابت آهي. ٽيون اپيل جو حق ڏيڻ سان لاڳاپيل آهي. گذريل هفتي کان ڪئنالن ۽ پاڪ-ڀارت تڪرار ۾ مصروف آهيان، .اپيل جي حق بابت نقطي تي حڪومت سان مشاورت لاءِ وڌيڪ هڪ هفتو گهربل هوندو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته پاليسي فيصلو حڪومت جيڪو ڪري مرضي وڻي ڪري. عدالت کي ته پنهنجو ڪيس ڏسڻو آهي. حڪومت جي پاليسي فيصلي سان ڪيس تي ڪو به اثر نه پوندو. جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته توهان کي ٽنهي نقطن تي دليل ڏيڻ لاءِ ڪيترو وقت گهربل هوندو؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته مان 45 منٽن ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪري وٺندس، اٽارني جنرل چيو ته ڀارت جيڪو ڪجهه ڪيو آهي سڀني جي توجهه ان تي آهي، اڄ عالمي عدالت انصاف روانگي هئي جيڪا ملتوي ڪري ڇڏي، ملٽري ٽرائل کي منهن ڏيندڙ کي اپيل جو حق ڏيڻ جو معاملو پاليسي ميٽر آهي، ان تي هدايت وٺي گذارشون عدالت سامهون رکندس. قانوني نقطن تي خواجه حارث پنهنجا دليل مڪمل ڪري چڪو آهي. عدالت ڪيس ڪد ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment