اهو شهر جتي 10 مئي تي اڀريل سج وري 84 ڏينهن بعد لهندو

اهو شهر جتي 10 مئي تي اڀريل سج وري 84 ڏينهن بعد لهندو

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا جي تمام اتر ۾ واقع شهر جا رهواسي هاڻي مهينن تائين رات جي اونداهي نه ڏسي سگهندا. ها آمريڪي رياست الاسڪا جي هڪ شهر اتڪياگوڪ ۾ آخري ڀيرو 10 مئي تي سج لهي ويو. 10 مئي تي سج 1:48 وڳي لٿو ۽ صرف 69 منٽن بعد، 2:57 تي ٻيهر اڀريو. هاڻي سج اتي 2 آگسٽ يا 84 ڏينهن تائين ٻيهر نه لهندو. آرڪٽڪ سرڪل ۾ واقع هي شهر هر سال اهڙو تجربو ڪندو آهي، جنهن دوران سج 10 مئي ۽ 2 آگسٽ جي وچ ۾ نه لهندو آهي. اهڙي تجربي لاءِ مڊنائيٽ سن جو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن شهر ۾ سياري ۾ قطبي رات به محسوس ٿيندي آهي. يعني اتي سج 2 مهينن کان وڌيڪ نه اڀرندو آهي. عام طور تي 18 نومبر تي لهندڙ سج جنوري جي ٽئين ڏهاڪي ۾ اڀرندو آهي ۽ اتي جا رهواسي 64 ڏينهن تائين سج جي روشني کان محروم رهندا آهن.