اهو نٿو ٿي سگهي ته جج اداري جي ساک تباهه ڪري مستعفي ٿئي ۽ ڪارروائي نه ڪريون: چيف جسٽس
جنوري 12, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايت تي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته ڪوئي جج سپريم ڪورٽ جي ساک تباهه ڪري استعيفا ڏئي ته ڇا اسان کي خطرو نه هوندو، پنهنجي تباهه ٿيل ساک جي سرجري ڪيئن ڪنداسين؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا آئين جو دستاويز رڳو ججز يا بيوروڪريسي لاءِ آهي؟ آئين عوام لاءِ آهي، اٽارني جنرل چيو ته ڪائونسل اڳيان سوال آهي ته جج جي استعيفا جو ڪارروائي تي ڇا اثر ٿيندو؟ ڪارروائي دوران جج پاران استعيفا ڏيڻ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪائونسل کي ڪا نه ڪا فائنڊنگ ته ڏيڻي آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ايئن نٿو ٿي سگهي ته ڪوئي جج پوري اداري جي ساک تباهه ڪري استعيفا ڏئي وڃي ۽ اسان ڪا به ڪارروائي نه ڪريون، پورو پاڪستان اسان ڏانهن ڏسي رهيو آهي، اسان کي ڪا نه ڪا فائنڊنگ ته ڏيڻي پوندي. چيف جسٽس چيو ته اسان هتي پنهنجي خدمت لاءِ ناهيون ويٺا، اسان هتي پنهنجون آِئيني ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون، سپريم ڪورٽ سوڌو سڀ ادارا عوام آڏو جوابده آهن جيڪڏهن اها ڳالهه سمجهي وٺو ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي شور هو ته ڇا اسان ايڏا خراب آهيون؟ سپريم ڪورٽ جي ساک به ته خطري ۾ پئي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جج جي استعيفا ۾ لکيو ته پبلڪ ۾ معاملن جي بنياد تي ڪم جاري نٿو رکي سگهان، استعيفا سان تاثر ملي ٿو ته جج کي انصاف جي اميد نه هئي يا هتي ڪو ڊريڪونين سسٽم هلي رهيو آهي، هن معاملي کي ڏسڻو پوندو، معاملو هوا ۾ نٿا ڇڏي سگهون ته جج استعيفا ڏئي ڇڏي.