اهو وقت گذري چڪو جڏهن عدالتون حڪومتون هلائينديون هيون، اسان هتي حڪومت هلائڻ لاءِ نه ويٺا آهيون: جسٽس جمال مندوخيل
مارچ 21, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ اقليتن جي تحفظ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته عدالت حڪومت هلائڻ جي لاءِ ناهي ويٺي. درخواست گذار جي وڪيل جڙانوالا ۾ چرچ ساڙڻ ڪيس جي جاچ تي خدشن جو اظهار ڪيو ته عدالت قرار ڏنو ته ٽرائل ۾ مداخلت ممڪن ناهي، ڪيس جي ٻڌڻي پنج هفتن تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني آئيي بينچ اقليتن جي تحفظ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ ججز عدالت جي اختيارن ۽ ڪيس جي نوعيت تي اهم ريمارڪس ڏنا آهن. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته هڪ وقت هو جڏهن عدالتون حڪومت هلائينديون هيون، پر اهو وقت گذري چڪو آهي. اسان هِتي حڪومت هلائن لاءِ ناهيون ويٺا. درخواست گذار جي وڪيل فيصل صديقي جڙانوالا واقعي تي اعتراض اُٿاريندي موقف اخيار ڪيو ته چرچ ساڙڻ جي مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته نامزد جوابدار ضمانت تي آزاد ٿي چڪا آهن. جنهن تي جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ضمانت تي آزاد ٿيا آهن ته منسوخي لاءِ لاڳاپيل فورم موجود آهي. ٻڌڻي دوران فيصل صديقي ڀارتي سپريم ڪورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ بابري مسجد جي قدمن تي مهر لڳائي. پر اسان جي عدالت 2014ع ۾ ائين نه ڪيو. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جيڪا ڳالهه اوهان ڪري رهيا آهيو. اها ته نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي. اسان ٽرائل جي عمل دوران مداخلت نٿا ڪري سگهون، تازو ٽرين تي دهشتگردي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، هڪ ماڻهو غفلت ڪري ته ائين نٿو چئي سگهجي سڄي رياست ملوث آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب دليل ڏيندي چيو ته حڪومت تي تنقيد صرف بين القوامي سطح تي ويوز حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي پئي وڃي. عدالت وڌيڪ دليل ٻڌڻ جي لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي پنجن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.