اهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي ته جوابدار کي گرفتارنه ڪيو وڃي:سپريم ڪورٽ

آڪٽوبر 5, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ جي جج جسٽس طارق مسعود  چيو آهي ته جوابدار کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي، اهو  ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي

پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف ڪيس ۾ سُپريم ڪورٽ جي جج جسٽس طارق مسعود  لطيف کوسه کان سوال ڪيو ته هڪ ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيون ۽ ٻاهر  وڃي قتل ڪري ته ڪير ذميوار هوندو؟ ڇا عدالتون جوابدار کي ڏوهه ڪرڻ جو لائسنس ڏئي رهيون آهن

پرويز الاهي جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته اهو به مذاق آهي ته ضمانت بعد ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪريو، اڄڪلهه عدليه ۽ عام شهرين سان مذاق ٿي رهيو آهي

جسٽس طارق مسعود چيو  اهو مذاق ته 70 سالن کان ٿي رهيو آهي، توهان کي پهرين ياد نه آيو، لطيف کوسه چيو ته منهنجي اڳيان غنڊه اڳوڻي وڏي وزير کي کنڀي ويا، جسٽس منصور چيو جِن کي توهان غنڊا سڏي رهيا آهيو، هاءِ ڪورٽ موجب اها اسلام آباد پوليس هئي

 لطيف کوسه چيو ته بنا ڪپڙن جي اهلڪارن پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو، جسٽس طارق مسعود چيو ته ڇا مطلب! ماڻهن ڏينهن جو ڪپڙا پهرڻ بنا گرفتار ڪيو؟ جسٽس طار مسعود جي ريمارڪس تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا مچي ويا

Leave A Comment