| اهڙن مردن سان رهيس، جيڪي مون لاءِ سٺا نه هئا: نورا فتحي |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ناليواري اداڪاره ۽ ڊانسر نورا فتحي تازو پنهنجي ذاتي زندگي، والدين جي عليحدگي ۽ مردن سان لاڳاپن بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
نورا فتحي چيو ته مون کي ”ڊيڊي ايشوز“ آهن، جڏهن توهان جو پيءُ توهان کي ڇڏي ڏئي ته توهان جي اندر ڪنهن جي وڇڙي وڃڻ يا رجيڪٽ ٿيڻ جو خوف پيدا ٿي ويندو آهي.هن چيو ته پيءُ جي نه هوندي آئون اڪثر اهڙن مردن سان گڏ رهيس، جيڪي مون لاءِ بهتر نه هئا، منهنجو مسئلو اهو آهي ته منهنجون پاڙون ڪٿي نه ڪٿي هڪ مرد (پيءُ) جي رويي سان جڙيل آهن. نورا واضح ڪيو ته آئون هاڻ انهن جذباتي مسئلن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان، پنهنجي زندگي جي انهن سخت تجربن مان سکي رهي آهيان ته جيئن مستقبل ۾ بهتر فيصلا ڪري سگهان.