وارهه (رپورٽر) حياتي بچائڻ جي اپيلون ڪرڻ باوجود وارهه واسڻ جي حياتي نه بچي سگهي، پيرسن عورت کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، فائرنگ ۾ معصوم ڏوهٽي زخمي ٿي پئي
وارهه جي مٺا ڪالوني ۾ جوابدار اختيار ڀاڻواڻي پنهنجي سس اقبال خاتون تي سڌي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ سندس ڏوهٽي 5 سالن جي ٻارڙي مرڪ زخمي ٿي پئي
اقبال خاتون ناٺيءَ جي زيادتين خلاف ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪري رهي هئي، اقبال خاتون جو چوڻ هو ته بااثر شخصن ڌمڪيون ڏئي زبردستي ڌيءَ جو رشتو ورتو، هڪ هفتي کان منهنجي ڌيءُ گم آهي، خدشو آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي
50 سالن جي اقبال خاتون ڪيترائي ڀيرا دانهون ڪيون ته کيس ناٺيءَ مان جان جو خطرو آهي، پوليس سميت ڪنهن به سندس دانهن تي ڌيان نه ڏنو