جيڪب آباد/ڳڙهي خيرو/ڪراچي (نمائندن وٽان) بلوچستان ۾ مڪاني ادارن جي ضلعي چيئرمين جي چونڊن ۾ جي يو آءِ واضح ڪاميابي ملڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اوستا محمد ۾ بي اي پي پ پ کان چيئرميني کسي وئي.
اوستا محمد ضلعي ڪائونسل چيئرمين جي چونڊ ۾ پ پ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوارن 14- 14 ووٽ حاصل ڪيا، جڏھن ته پ پ اميدوار جا ٻه ووٽ رد ٿيڻ تي بي اي پي اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جنهن بعد سالار جمالي چيئرمين ۽ حاجي غلام مصطفيٰ رند وائيس چيئرمين چونڊجي ويا.