اوستا محمد ويجهو پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ خوني ويڙهه، 2 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي
نومبر 22, 2024
شھدادڪوٽ( رپورٽر ) بلوچستان جي اوستا محمد صدر ٿاڻي جي حد ۾ جعفرآباد پل ڀرسان پراڻي دشمني تان کوکر ۽ عمراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ غلام علي کوکر ۽ صدام کوکر مارجي ويا، هڪ ڄڻو ديدار کوکر سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جي اطلاع تي صدر ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي اوستا محمد اسپتال پهچايا ۽ زخمي ديدار کوکر کي لاڙڪاڻي اسپتال ڏانهن روانو ڪيو ويو آھي، ان موقعي تي پوليس جو چوڻ آهي واقعو پراڻي دشمني تحت پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.