اوستا محمد ۾ ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، 2 ٻارڙا فوت

اوستا محمد ۾ ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، 2 ٻارڙا فوت

شهدادڪوٽ(رپورٽر) بلوچستان جي ضلعي اوستا محمد جي منجهو شوري ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتار ٽريڪٽر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، هڪ ٻارڙي سخت زخمي ٿي پئي، زخمي ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، فوت ٿي ويل ٻارڙن ۾ اصغر علي ولد حبيب الله  گولو،  راشد علي ولد حاڪم گولو شامل آهن، جڏهن ته زخمي ۾ ٻارڙي نور بي بي ولد حاڪم علي گولو شامل آهي.