| اوقاف جي ڪروڙن جي ملڪيت ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي جاچ رپورٽ رد: نئين سر انڪوائري |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) اوقاف کاتي جي ڪروڙن جي ملڪيت ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو معاملي جي جاچ اسپيشل سيڪريٽري رد ڪري ڇڏي، وڏي وزير جي هدايتن بعد وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم پاران معاملي جي نئين سِر سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سي ايم انسپيڪشن ٽيم پاران اوقاف کاتي کان وقف ڪيل ملڪيت يونٽ نمبر 21 ۽ 22 تي اڏاوتي ڪم بابت جاچ ٽيم جوڙي 15 ڏينهن اندر مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪاروائي تجويز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته حيدرآباد ۾ اوقاف کاتي جي وقف ٿيل ڪروڙين روپين جي ملڪيت ڪمرشل مقصدن ۾ استعمال ٿيڻ واري معاملي جي اسپيشل سيڪريٽري اوقاف پاران ڪيل جاچ رپورٽ رد ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران وزيراعلي ٰانسپيڪشن اينڊ انڪوائريز ٽيم کي معاملي جي ٻيهر جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير جي هدايتن تحت جامع مسجد سان لاڳاپيل وقف ڪيل ملڪيت يونٽ نمبر 21 ۽ 22 تي اڏاوتي ڪم ڪرڻ جي اوقاف کاتي عملدران پاران اجازت ڏيڻ واري معاملي جي اسپيشل سيڪريٽري اوقاف پاران ڪيل جاچ ۾ اجازت ڏيندڙ اصل عملدارن جا نالا شامل نه هئڻ ڪري ٻيهر اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان وزيراعليٰ انسپيڪشن اينڊ انڪوائريز ٽيم پاران معاملي جي جاچ لاءِ ڊي جي ٽيڪنيڪل جي سربراهي ۾ 2 رُڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، چيئرمين سي ايم انسپيڪشن ٽيم پاران جاچ ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها نشاندهي ڪئي وڃي ته مليڪت کي ڪمرشل مقصد طور استعمال ڪرڻ جي اجازت قانوني هئي يا غيرقانوني طور تي اجازت ڏني وئي، ملڪيت کي ڊاهي ٻيهر تعمير جي اجازت ڪهڙي طريقي سان ڏني وئي؟ ۽ اهو به جاچ ڪري ٻڌايو وڃي ته زمين جي منتقلي يا ٽيننسي جي تبديلي به قانوني هئي يا غيرقانوني؟ جاچ ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ذميوار آفيسرن جي تعين سان گڏ سندن خلاف ڪاروائي به تجويز ڪئي وڃي ۽ 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
| وقف ملڪتين ۽ زرعي زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ نه ٿي سگھيو |
ڪراچي: اوقاف کاتي جي وقف ملڪتين توڙي زرعي زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ نه ٿي سگھيو، معاملو اڌ ۾ لٽڪيل، وقف ملڪيتن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ نه ٿيڻ جي ڪري سجاول، ميرپورخاص، دادو سميت مختلف هنڌن تي زرعي زمينون توڙي وقف ملڪيتن تي مختلف بااثر ماڻهن جا قبضا برقرار آهن، ذريعن موجب اوقاف کاتي جا عمدار قبضا مافيا سان مبينا طور مليل هجڻ جي ڪري رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ نه ٿي سگھيو آهي، اڪثر ملڪيتن جو اصُل رڪارڊ به غائب ڪيو ويو آهي.
اصل آفيسرن ۽ عملدارن جو تعين نه ٿيڻ سبب انڪوائري رپورٽ رد ڪئي وئي
ڪراچي: اوقاف کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري سيد عطا الله شاھ پاران ڪجهه مهينا اڳ ڪيل جاچ ۾ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ممتاز چنا ۽ نوڪري مان برطرف ٿيل مھتاب خان کي ذميوار قرار ڏنو ويو هو، ذريعن موجب ته انڪوائري ۾ پر اصل آفيسرن ۽ عملدارن جو تعين نه ٿيڻ سبب اهڙي انڪوائري رپورٽ کي رد ڪيو ويو آهي.