| اولمپيئن ارشد نديم لاءِ عرب امارات جو ايوارڊ |
دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي دبئي جي حڪمران سان منسوب شيخ محمد بن زايد ايوارڊ ڏنو ويو. دبئي ۾ 17 هين ورلڊ اسپورٽس سمٽ دوران راندين جي دنيا جي مشهور شخصيتن جي موجودگيءَ ۾ اولمپڪ جيولن ٿرو چيمپئن ارشد نديم کي گلوبل بريڪ ٿرو ايٿليٽ آف دي ايئر جو ايوارڊ ڏنو ويو. دبئي جي حڪمران جي پٽ شيخ منصور بن محمد بن راشد المڪتوم ارشد نديم کي شيخ محمد بن زايد ايوارڊ ڏنو. ياد رهي ته ارشد نديم 2024 واري پئرس اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر جي ٿرو ڪري جيولن مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو.