| اولمپين ارشد نديم جي ڪوچ سلمان بٽ تان پابندي ختم |
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ ايٿليٽ ارشد نديم جي ڪوچ سلمان بٽ تي مڙهيل پابندي ختم ڪري ڇڏي. ذريعن موجب پي ايس بي جي ٽياڪڙ سينيٽر پرويز رشيد ڪوچ سلمان بٽ تان پابندي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. سلمان بٽ تي اٿليڪٽس فيڊريشن آف پاڪستان طرفان تاحيات پابندي لڳائي وئي هئي. ان فيصلي کي سلمان بٽ اسپورٽس بورڊ جي آئين تحت چئلينج ڪيو، جنهن تي ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي ايس بي جي ٽياڪڙ پابندي کي غيرقانوني قرار ڏنو. فيصلي موجب سلمان بٽ خلاف ڪارروائي ۾ اٿليٽڪس فيڊريشن قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون هيون نه ڪا چارج شيٽ فراهم ڪئي وئي ۽ نه ئي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو، اٿليٽڪس فيڊريشن سلمان بٽ جي ساک کي نقصان پهچايو ۽ ارشد نديم جي ڪوچ تي پابندي سبب ارشد نديم جي تيارين کي به متاثر ڪيو ويو. پي ايس بي ايڊجيوڊيڪيٽر اٿليٽڪس فيڊريشن کي سلمان بٽ خلاف بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.