| اولڊ ايج ۽ ورڪرز فنڊ صوبن حوالي؟ سنڌ ۽ وفاق ۾ مشاورت تي اتفاق |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سان سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي ملاقات: اولڊ ايج ۽ ورڪرز فنڊ صوبن حوالي ڪرڻ تي زور، وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين، پورهيتن جي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو۔ ملاقات ۾ ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ کي صوبن حوالي ڪرڻ واري معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اي او بي آءِ ۽ ڊبليو ڊبليو ايف کي صوبن حوالي ڪرڻ سان پورهيتن کي نمايان فائدا ملندا، جڏهن ته خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو، هن وقت قانوني تڪرارن سبب اهي فنڊ اثرائتي نموني استعمال نٿا ٿي سگهن، پورهيتن جي حقن جو تحفظ وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ذميواري آهي، جنهن تي وفاقي وزير چوڌري سالڪ يقين ڏياريو ته سڀئي مسئلا گڏيل صلاح مشوري ۽ اتفاقِ راءِ سان حل ڪيا ويندا، هن پورهيتن جي ڀلائي بابت معاملن کي اثرائتي نموني نبيرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ لڳاتار رابطي جي اهميت تي زور ڏنو۔ ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ صلاح مشوري جو عمل جاري رکيو ويندو۔ وفاقي وزير چوڌري سالڪ ۽ صوبائي وزير سعيد غني پنهنجن ٽيمن سان گڏجي اجلاس ڪندا، جنهن ۾ اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ سان لاڳاپيل معاملن تي وڌيڪ غور ڪري قابلِ عمل سفارشون تيار ڪيون وينديون۔