| اوم پوري ڀيڻ کي دوکو ڏئي زندگي برباد ڪئي: انو ڪپور |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪار انو ڪپور آنجهاني اداڪار اوم پوري تي الزام هنيو آهي ته هن منهنجي ڀيڻ کي دوکو ڏنو ۽ سندس زندگي برباد ڪئي. تازي انٽرويو ۾ انو ڪپور چيو ته”اوم پوري هڪ بهترين اداڪار هو، هن جهڙي اداڪاري ڪو به نٿو ڪري سگهي، پر هن هڪ عورت سان شادي ڪري کيس دوکو ڏنو، آئون انهي عورت جو ڀاءُ آهيان.” هن وڌيڪ چيو ته اوم پوري 10 سال اڳ مري وڃي ها پر اها منهنجي ڀيڻ سيما ڪپور هئي، جنهن سندس سار سنڀال لڌي..انو ڪپور جو چوڻ هو ته “اڄ اوم پوري موجود ناهي، سندس پٽ آهي، اڄ به آئون سندس پٽ ۽ اڳوڻي گهر واري ننديتا لاءِ دعا ڪريان ٿو، مون کي ڪنهن سان دشمني ناهي، پر افسوس آهي ته منهنجي ڀيڻ سيما ڪپور جي زندگي برباد ٿي وئي، سندس ڪو سهارو ناهي.” واضح رهي ته سيما ڪپور ۽ اوم پوري جي شادي 1990 ۾ ٿي هئي جيڪا صرف 8 مهينا هلي سگهي، جنهن کانپوءِ اوم پوري صحافي ننديتا پوري سان شادي ڪئي. اوم پوري 2017 ۾ 66 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.