اوٻاوڙو: اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر تي حملي ڪيس ۾ شڪور لاکو سميت 2 ڄڻا بري 

اوٻاوڙو: اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر تي حملي ڪيس ۾ شڪور لاکو سميت 2 ڄڻا بري 

اوٻاوڙو (ن پ ا) شھريار شر مٿان حملو ۽ علي محمد شر قتل ڪيس  ۾  ايڊيشنل سيشن جج اوٻاوڙو جوابدار نامزد ٿيل سردار احمد سيلرو ۽ اڳوڻي ايس ايچ او رائونتي عبدالشڪور لاکو کي باعزت بري ڪري ڇڏيو،ايڊيشنل سيشن جج اوٻاوڙو نامزد ڄاڻايل ٻنھي جوابدارن مٿان ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي کين باعزت بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،  ياد رھي ته 14 آڪٽومبر 2024ع تي رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شھريار خان شر مٿان حملو ٿيو ھيو، جنھن ۾ سندس ويجھو ساٿي علي محمد شر مارجي ويو ھيو ۽ سندس گارڊ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا.