اوٻاوڙو جو نينگر بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ: دولتپور جي نينگر جي بازيابي لاءِ ٿاڻي اندر ڌرڻو

فيبروري 24, 2024

اوٻاوڙو/دولتپور صفن (رپورٽرز) اوٻاوڙو پوليس مقابلي ذريعي نينگر بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي جڏهن ته دولتپور جي نينگر جي بازيابي لاءِ ٿاڻي اندر ڌرڻو هنيو ويو

 اوٻاوڙو پوليس ڏوهارين سان مبينا مقابلي بعد مغوي نينگر کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب 8 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگر شفقت ميراڻي کي بازياب ڪرايو ويو

پوليس موجب ڌاڙيل نينگر کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڪارروائي ڪري کيس بازياب ڪرايو، ڌاڙيل نينگر کي ڇڏي فرار ٿي ويا

 هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته نينگر جي وارثن پاڪ ڪتاب ڪچي ۾ گهمايو هو جنهن بعد ڏوهارين نينگر کي ڇڏي ڏنو، جڏهن ته پوليس کيس بازياب ڪرائڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهي آهي

ٻئي طرف دولتپور صفن ويجهو ڳوٺ فيض محمد پلي واسي 8 ڪلاس جو شاگرد 13 ورهين جو حبيب الله پلي کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن تي وارثن، سول سوسائٽي، پلي برادري جي ماڻھن ۽ مختلف اسڪولن جي سوين شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي اندر 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو

 ان موقعي تي روشن سومرو، مدد علي پلي، عبدالحق، نياز انڙ، نثار پلي ۽ ٻين چيو ته ھن مھل تائين دولتپورصفن پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي

 هنن چيو ته شهر ۾ مختلف برادرين جي ننڍن ٻارڙن سان اهڙا ڪافي واقعا ٿيا آهن، جن جا لاش مليا آهن،  اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي، هنن نينگر کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي، بعد ۾ ڊي ايس پي احتجاج ڪندڙن کي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو

Leave A Comment