اوٻاوڙو فوڊ گودام مان 30 هزار ڪڻڪ ٻوريون مبينا گم، مٽي ملائي کوٽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش

اوٻاوڙو فوڊ گودام مان 30 هزار ڪڻڪ ٻوريون مبينا گم، مٽي ملائي کوٽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو جي فوڊ گودام تي تقريبن 25 کان 30 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون مبينا گم ڪيون ويون آهن، اهڙو ڪيس فوڊ انسپيڪٽر ۽ ٻين عملدارن تي پڻ  هلندڙ آهي، ڪڻڪ جي ٻوريون پوريون ڪرڻ لاءِ گودام جا در بند ڪري ٻورين ۾ مٽي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙي اطلاع تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ٽيم پهچي رڪارڊنگ شروع ڪئي ته اتي موجود فوڊ ملازمن رڪارڊنگ کان روڪيندي ٽيم کي هراسان ڪيو، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ۾ اهڙو ڪيس هلڻ کان پوءِ فوڊ کاتي جي اختيارين پاران جاچ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي هئي، جاچ دوران ڪڻڪ پوري ڏيکارڻ لاءِ مٽي ملائي پئي وڃي. هوڏانهن مقامي آبادگارن صالح گرگيچ، شبير شر ۽ ٻين ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته ان معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، فوڊ انسپيڪٽر ۽ ٻين ذميوران خلاف سخت قانوني  ڪاروائي ڪئي وڃي.