| اوٻاوڙو: هڪ مسافر جو ڪمند مان لاش هٿ: 4 ڄڻا نه مليا، 13 ڄڻا اغوا ٿيا جن کي بازياب ڪرايو آهي: پوليس |
اوٻاوڙو(رپورٽ: فيض الله سميجو) مريد شاخ ويجهو گڊو لنڪ روڊ تي هٿياربندن پاران صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر ڪوچ تي فائرنگ ڪري گاڏي جا ٽائر برسٽ ڪرڻ بعد مسافرن کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪرڻ بعد 18 مسافرن کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا، واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري هٿياربندن جو پيڇو ڪندي پنجاب ڀنگ ٿاڻي جي حد سونمياڻي وٽ مقابلو ڪندي 14 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جن مان هڪ مغوي مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، مبينا مقابلي دوران هڪ پوليس اهڪار صفدر عرف هيرو چاچڙ به زخمي ٿي پيو، زخمي پوليس اهلڪار کي رحيميارخان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته بازياب ٿيلن ۾ عمير مجاهد،محمد وسيم،عبدالغني،شاهين اڪبر،سيد محمدعلي،ذوالفقار، فيروزخان ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويل ڪريم بخش بليدي بلوچستان جو رهواسي آهي، پوليس موجب بازياب ٿي ويل مسافرن کي وارثن سان رابطو ڪري کين گهر روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا تائين 4 مغوي بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جيڪي ذريعن موجب ڏوهارين جي قيد ۾ آهن، پوليس دعويٰ ڪري رهي آهي ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، هوڏانهن فوت ٿي ويل مسافر ڪريم بخش بليدي جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ سندس ڀاءُ رحيم بخش بليدي سول اسپتال اوٻاوڙو پهتو، جتي مڙهه سندس حوالي ڪيو ويو، فوتي جو لاش بلوچستان واري علائقي ڏانهن نيو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو هو ته هٿياربندن ڪوچ تي فائرنگ ڪري ڦرلٽ ڪرڻ بعد 17 کان 18 مسافرن کي اغوا ڪري ويا آهن.ٻڌايو پيو وڃي ته ڌاڙيلن خلاف مبينا آپريشن دوران ڪمند جي فصل مان هڪ مسافر جو لاش هٿ ڪيو ويو، ايس ايڇ او کنڀڙا موجب مسافر جو موت دل جي دوري سبب ٿيو آهي.
| پوليس جي سنگين لاپرواهي سبب اغوا واقعو ٿيڻ جو انڪشاف |
اوٻاوڙو: واقعي واري ڏينهن هٿياربندن وچ روڊ تي اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ ڪندا رهيا پر پوليس بروقت ڪارروائي نه ڪئي، ذريعن موجب جوابدار فائرنگ ڪري اڌ ڪلاڪ تائين وچ روڊ تي مسافرن کان سرعام ڦرلٽ ڪندا رهيا، پوليس موقعي تي واقعي واري هنڌ نه پهتي، مسافر مدد جي لاءِ دانهون ڪندا رهيا، ٻڌايو پيو وڃي ته کنڀڙا ٿاڻو واقعي واري هنڌ کان هڪ ڪلو ميٽر مفاصلي تي آهي پر پوليس بروقت نه پهچي سگهي.
| بلوچستان ۽ صادق آباد واسين طور بازياب ٿيلن جي سڃاڻپ |
اوٻاوڙو: مبينا پوليس مقابلي بعد بازياب ٿيلن جو تعلق ڪوئيٽا بلوچستان ۽ هڪ ڄڻي جو تعلق صادق آباد سان ٻڌايو پيو وڃي، مسافر ڪوچ سدا بهار صادق آباد کان ڪوئيٽا طرف وڃي رهي هئي ته کنڀڙا ٿاڻي جي حد مريد شاخ ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.