| اوٻاوڙو واسي ٻارڙي عليزه چاچڙ سميت 2 بازياب: 4 سوگها |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اي وي سي سي پوليس ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي اوٻاوڙو واسي ٻارڙي عليزه چاچڙ سميت 2 يرغمالين کي بازياب ڪرائي ورتو، 4 جوابدار گرفتار، ايس ايس پي اي وي سي سي آصف رضا بلوچ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فريئر ٿاڻي جي حد ۾ريلوي ڪالوني مان 11 ڊسمبر تي اغوا ٿيل عليزا کي بازياب ڪرايو ويو آهي، عليزه کي ان وقت اغوا ڪيو ويو، جڏهن اها گهر ٻاهران کيڏي رهي هئي، جوابدار ٻارڙي جي بازيابي لاءِ 5 لک ڀنگ گهريو هو، پوليس موچڪو واري علائقي مان عليزه کي بازياب ڪرائي جوابدار محمد نواز ولد شهزاد چاچڙ کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار ٻارڙي جو پاڙيسري ۽ مائٽ آهي، جوابدار ٻارڙي کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي. ايس ايس پي آصف رضا بلوچ موجب 4 ڊسمبر تي لياقت آباد مان محمد سفيان اغوا ٿيو هو، جوابدارن سندس آزادي لاءِ 4 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو هو، وارثن 45 لک ڀنگ ڏنو، موٽ ۾ جوابدارن مغوي سفيان کي ڇڏي ڏنو، پوليس ڪارروائي ڪري 3 جوابدارن مرزا ناصر بيگ، ذيشان صغير ۽ ذيشان مسيح کي گرفتار ڪري ڀنگ جي رقم هٿ ڪئي آهي.