اوٻاوڙو ويجهو سردار شهريار جو پٽ اغوا، ڪلاڪ بعد بازياب: آءِ جي چيو منهنجو ٻچو آهي: شر

اوٻاوڙو ويجهو سردار شهريار جو پٽ اغوا، ڪلاڪ بعد بازياب: آءِ جي چيو منهنجو ٻچو آهي: شر

اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو ويجهو کينجهو واري علائقي ٻيروٽا ۾ اڳوڻي ايم پي اي سردار شهريار خان شر جو پٽ جهانگير شر زرعي زمين تي بيٺل هو ته موٽر سائيڪل سوار 6 هٿياربندن چڙهائي ڪري کيس اغوا ڪري کڻي ويا، اطلاع تي شر برادري جي ماڻهن، پوليس پيڇو ڪري ناڪابندي ڪندي جهانگير شر کي هڪ ڪلاڪ بعد  بازياب ڪرائي ورتو، وڏي پوليس نفري ۽ شر ذات جا گهڻي انگ ۾ ماڻهو پهتل هئا. بازياب ٿي آيل جهانگير خان شر ٻڌايو ته زرعي زمين تي بيٺل هيس 6 کان مٿي هٿيار بندن پهچي مون کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا،  مون سڃاتا آهن، پنهنجي برادري جا ماڻهو آهن، هاڻي پٺيان اغوا ڪرڻ ۾ ڪنهن جا هٿ آهن اهو بعد ۾ ٻڌائينداسين، هوڏانهن سردار شهريار شر ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته مون سارو مسئلو پوليس حوالي ڪيو آهي، پوليس انويسٽيگشن ڪري رهي آهي ته اغوا ڪار ڪير آهن ۽ اغوا ڪرائڻ ۾ ڪنهن جا هٿ آهن، سڀ ڪجهه پوليس جاچ  ڪرڻ بعد ٻڌائيندي. هن چيو ته جهانگير سان گارڊ هوندا آهن، اڄ اڪيلو موٽرسائيڪل تي نڪتو ته اغوا ٿي ويو،  لوفر کي ايتري جرئت ڪيئن ٿي؟ سردار جي پٽ کي اغوا ڪري ويا، ان جي پٺيان وڏا هٿ آهن، هن چيو ته جهانگير کي پوليس بازياب ڪرايو، آءِ جي فون ڪري چيو هي تنهنجو پٽ نه منهنجو ٻچو آهي. هوڏانهن اهڙي واقعي کان پوءِ ضلعي گهوٽڪي جي پوليس ٻيروٽا واري علائقي کي ڪڙو چاڙهي بيٺل آهي ۽ علائقي ۾ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته پنهنجي برادي جو جتوئي شر اغوا ڪري کڻي ويو هو ته جتوئي شر جو ڪجهه سال پهرين ڀاءُ قتل ٿي ويو هو، جنهن جو شڪ شهريار شر جي ماڻهن تي هو، شهريار شر فيصلو نه ڏنو، جنهن لاءِ جتوئي شر وٽس ڪيترائي ڀيرا آيو هو، پلاند ۾ جهانگير کي اغوا ڪيو ويو، هوڏانهن علائقي جي چڱن مڙسن ۽ پوليس جي دٻاءُ بعد جهانگير شر کي آزاد ڪيو ويو.