| اوٻاوڙو ويجھو اغوا ٿي ويل پنجاب واسي 4 ڄڻن جي وڊيو وائرل: 4 ڪروڙ ڀنگ طلب |
اوٻاوڙو(رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو مان اغوا ٿيل پنجاب واسي کوجي ڪتن جا مالڪ بازياب نه ٿيا، مغوين جي زنجيرن ۾ جڪڙيل وڊيو وائرل، ان ڏس ۾ 35 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل پنجاب جي شهر صادق آباد واسي کوجي ڪتن جا مالڪ بازياب نٿي سگهيا،جوابدارن پاران مغوين جي وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، اغوا ٿي ويل مغوين ۾ عدنان،عبدالخالق،رفيق ۽ جميل شامل آهن، جڏهن ته مغوين کي زنجيرن ۾ جڪڙي ويڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، وڊيو ۾ مغوي چئي رهيا آهن ته پوليس جي انتظار ۾ نه رهو، چار ڪروڙ ڀنگ ڀري اسان کي آزاد ڪرايو، اسان کي سخت سردي ۾ هيٺ زمين تي سمهاريو ويندو آهي، ماني به نٿي ڏني وڃي، مغوين جو چوڻ هو ته اسان جوابدارن کان جان آجي ڪرائي وڃي، ياد رهي ته 35 ڏينهن اڳ ڪال ڪري کوجي ڪتن ذريعي مريد شاخ واري علائقي ۾ گهرايو ويو هو.