اوٻاوڙو ويجھو پراڻي دشمني تان ماءُ جي سامهون نوجوان پٽ گوليون هڻي قتل

اوٻاوڙو ويجھو پراڻي دشمني تان ماءُ جي سامهون نوجوان پٽ گوليون هڻي قتل

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ويجهو پراڻي دشمني تان ماءُ جي سامهون پٽ گوليون هڻي قتل، دوست زخمي، لانگهو روڊ تي رستي ويندڙ موٽرسائيڪل سوارن مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب بجار مزاري ماءُ جي سامهون دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته نوجوان جو دوست مبارڪ علي بگٽي سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع باوجود پوليس دير سان واقعي واري  هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي وارث عبدالرحيم موجب اسان جي پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان پراڻي دشمني هلندڙ آهي، ڪيترائي ڀيرا مخالفن ڏانهن ميڙ به کڻي وياسين پر ٺاهه نه ڪيو ويو، سندن چوڻ هو ته ماڇڪي شادي تي ويل هئاسين، پنهنجي ڳوٺ واپسي تي رستي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو، ٻي طرف پوليس جو چوڻ هو ته ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني تان واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.