اوٻاوڙو: پنجاب پوليس 4 ڄڻا کڻي وئي

جُون 24, 2025

اوٻاوڙو ( پنهنجي ڊيسڪ ) پنجاب پوليس جي سنڌ جي حدن ۾ مداخلت،4ڄڻن کي عدالت ٻاهران کنڀڻ تي ايس ايڇ او ۽ اهلڪار يرغمال، اوٻاوڙو پوليس حوالي،اوٻاوڙو جي عدالت ٻاهران پنجاب پوليس مريد شاخ واسي صدام ملڪ، اسماعيل ملڪ،گل ملڪ ۽ غفار ملڪ کي کنڀي کڻي وئي،شهرين مخبري جي الزام هيٺ هڪ ڄڻي کي پڪڙي ورتو، کيس بچائڻ لاءِ آيل پنجاب پوليس جو شهرين  گهيراءُ ڪري ورتو، وڪيلن ۽ شهرين پنجاب جي صدر ٿاڻي جي  ايس ايڇ او يونس عباس، 4 اهلڪارن ۽2 مخبرن کي اوٻاوڙو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت