اوٻاوڙو ڀرسان هٿياربندن جي ڪاهه، گڊو واسي ڊاٽسن ڊرائيور ۽ ڪلينر سميت 3 ڄڻا اغوا

جنوري 7, 2025

اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض سميجو) اوٻاوڙو ڀرسان گڊو لنڪ روڊ تي گذريل رات دير سان ڌاڙيلن ڪاهه ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر سميت 3 ڄڻن کي ڊاٽسن مان لاهي مبينا اغوا ڪري ويا، صبح جو علائقي جي ماڻهن خالي گاڏي روڊ تي بيٺل ڏسي کنڀڙا پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪارروائي شروع ڪئي، اغوا ٿي ويلن ۾ صفدر نيازي، نديم دشتي ۽ غوث بخش گولو شامل آهن، مغوين ۾ 2 ٻه ڄڻا گڊو جا رهائشي آهن ۽ هڪ ڄڻو بڊاڻي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو  ته گذريل ڏينهن پوليس جو چوڻ آهي ته چار ڏينهن اڳ مغوي گلبهار چاچڙ جي بازيابي لاءِ مزاري گينگ خلاف آپريسن ڪيو هو، جنهن جي رد عمل ۾ مزاري گينگ ٽن ڄڻن کي اغوا ڪيو  آهي، ڏوهارين کي ڪڏهن به بخش نه ڪيو ويندو، جلد ڪارروائي ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو، هوڏانهن 3 ڄڻن جي اغوا واري واقعي بعد علائقي ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو.

Leave A Comment