اوٻاوڙو ڀرسان ڪيبن مالڪ اغوا، پوليس مقابلو، قبوليو شر سميت 3 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

مارچ 2, 2024

اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو ڀرسان راونتي ٿاڻي جي حد ۾ سي پيڪ 484 آرڊي وٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مبينا مقابلو، 3 ڌاڙيل مارجي ويا، هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو

گذريل رات دير سان ڌاڙيلن باءِ پاس تي ڪيبن تي چڙهائي ڪري ڦرلٽ ڪرڻ بعد ڪيبن مالڪ راجا موچي کي اغوا ڪري ورتو، اطلاع راونتي پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪئي ته سي پيڪ 484 آرڊي وٽ پوليس ۽ ڌاڙيل آنهون سامهون ٿي ويا

پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ قبول عرف قبوليو شر، شاهه مراد تڙت ۽ علي مراد تڙت جي نالن سان ٿي، جڏهن ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار امين ملڪ زخمي ٿي پيو

 پوليس مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش کڻائي اوٻاوڙو اسپتال جي مردهه خاني ۾ رکرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪار امين ملڪ کي رحيميار خان اسپتال علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو آهي

پوليس موجب مارجي ويل ٽنهي ڏوهارين تي اوٻاوڙو، ميرپور ماٿيل ۽ راونتي ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن

قبوليو شر ڪجهه مهينا اڳ ڪچي لڏي راحب شر جي ٽولي ۾ شامل ٿيو

ڏوهاري قبول شر اوٻاوڙو ڀرسان راونتي ٿاڻي جي حد دٻ شاخ ڀرسان ويٺل هو، ڪجهه مهينا اڳ ڪچي واري علائقي ۾ لڏي بدنام ڏوهاري راحب شر جي ڀرسان وڃي ويٺو هو، اوٻاوڙو، راونتي ۽ ميرپور ماٿيل جي ٿاڻن تي مٿس 15کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو ۽  بلوچستان جي بگٽي برادري جي چڱي مڙس ڪلپر بگٽي جي قتل ۾ پڻ ملوث هو، پوليس موجب ڏوهاري علي مراد تڙت ۽ شاهه مراد تڙت تي پنج کان وڌيڪ ڪيس هئا

ڌاڙيلن جا لاش اسپتال ۾ پيل: وارثن پوليس سان رابطو نه ڪيو

مارجي ويل ٽنهي ڌاڙيلن جا لاش 15 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هن مهل تائين سول اسپتال اوٻاوڙو ۾ پيل هئا، مارجي ويل ڏوهارين جي وارثن اڃا تائين لاش وصول ڪرڻ لاءِ پوليس سان رابطو نه ڪيو آهي.

ڌاڙيلن حملن جي ڌمڪي ڏني، اهلڪار مارائڻ نٿو چاهيان: ايس ايس پي

ايس ايس پي گهوٽڪي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل ڪلپر بگٽي عبدالرحمان جي قتل ۾ ملوث هئا، مارجي ويل ڌاڙيل ھڪ نواجون راجو ڪلھوڙو کي اغوا ڪري وڃي رھيا هئا ته پوليس ڪارروائي ڪئي، ڌاڙيلن جو تعلق بدنام ڌاڙيل راحب شر ۽ موريو شر جي ٽولي سان آھي، ڌاڙيلن وٽان پوليس کان ڦر ڪيل سرڪاري ھٿيار پڻ ھٿ ڪيا ويا آھن، ڌاڙيلن ٿاڻن سميت ٻيون سرڪاري عمارتون تباھ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي، هن چيو ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، جيڪي افغانستان کان اچن ٿا، هنن جي سامهون ڪلاشنڪوف سان موڪلي پنهنجن جوانن کي شهيد نه ٿو ڪرائڻ چاهيان

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب