اوٻاوڙو ڪورٽ مان فرار ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، 12 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، گرفتار

اوٻاوڙو ڪورٽ مان فرار ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، 12 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، گرفتار

اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو ڪورث جي احاطي مان ڌاڙيل راهب شر ۽ موريو شر  جي فرار ٿيڻ تي ڊيوٽي ۾  غفلت ۽ لاپرواهي ڪرڻ جي الزام ۾  12 پوليس اهلڪارن مٿان سرڪار جي فرياد تي اوٻاوڙو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته گهوٽڪي جيل کان ڏهارين کي پيشي لاءِ  وٺي آيل اوٻاوڙو ڪورٽ ۾ 12 پوليس اهلڪارن کي اوٻاوڙو پوليس بروقت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو هو، جن  مٿان ڊيوٽي  غفلت لاپرواهي جي الزام ۾  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،اهڙي ڪيس ۾  گهوٽڪي جيل کان گڏ آيل پوليس اهلڪارن ۾  قيدي پارٽي جو انچارج فداحسين دل، اي ايس آءِ مظهر دين ملڪ، نذير احمد ڀارو، فيض محمد مهر سميت 12 اهلڪارن خلاف ڊيوٽي ۾  غفلت لاپرواهي جو ڪيس مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيل 12 جوابدارن کي رمانڊ لا۽ اوٻاوڙو ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتي وڌيڪ چئن ڏينهن جي رمانڊ وٺي اوٻاوڙو پوليس حوالي ڪيو ويو فرار ٿي ويل ڏوهارين خلاف مختلف هنڌن تي پوليس جون ڪاروايون جاري آهن پر هن تائين پوليس کي ناهن اچي سگهيا