اوٻاوڙو: ڪوچ تي حملي جو ڪيس داخل: آپريشن: وڌيڪ هڪ جوابدار مارڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو: ڪوچ تي حملي جو ڪيس داخل: آپريشن: وڌيڪ هڪ جوابدار مارڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو ويجھو مسافر  ڪوچ تي حملي ۽ اغوا واري معاملي جو 26ڄڻن خلاف ڪيس داخل، آپريشن دوران لولائي گينگ جو سربراهه گل حسن لولائي کي مارڻ جي دعويٰ،  پنجاب جي حد سومنياڻي راضي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڏوهاري گينگز خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي، آپريشن ۾ لولائي گينگ جي سربراهه گل حسن لولائي کي پوليس پاران مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،  جنهن بعد مارجي ويل جوابدارن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي،ايس ايچ او کنڀڙا موجب پنجاب جي سونمياڻي راضي ڪچي اندر ڊورن ۽ مارٽر گولن ذريعي آپريشن هلندڙ آهي، ڏوهارين جي  گهرن کي مسمار ڪري ساڙي ڇڏيو آهي، مارجي ويل جوابدارن جا لاش نه  ملي سگهيا آهن.ٻي طرف مسافر ڪوچ تي حملي ۽ اغوا واري واقعي جو 26 ڄڻن مٿان کنڀڙا ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر بس تي حملي ۽ مسافرن جي اغوا واري واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ تنوير اندهڙ، عاشق، خير محمد، طارق ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي.
 

خيرپور ۾ مبينا مقابلو، سنگين ڪيسز ۾گهربل جوابدار مارڻ جي دعويٰ

خيرپور/احمد پور(نمائندن وٽان) خيرپور ۾  وڏا مهيسر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب سنهڙي چوڪ ڀرسان ڏوهاري روڊ بلاڪ ڪري گاڏين مان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا، پوليس  پهتي ته ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. جوابي فائرنگ ۾ پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ قتل سميت ٻين سنگين ڪيسن ۾ گهربل بدنام ڏوهاري مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ محمد اسحاق عرف اسحاقو پٽ گلزار گوپانگ جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار ڌاڙن، ڀنگ خاطر اغوائن، دھشتگردي، چورين، پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان بندوق ۽ ڪارتوس هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدار خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 13 ڪيس داخل هئا.