اوٻاوڙو ۾ شادي لاءِ ڪچي ويندڙ پنجاب واسي اغوا کان بچي ويو 

اوٻاوڙو ۾ شادي لاءِ ڪچي ويندڙ پنجاب واسي اغوا کان بچي ويو 

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي رائونتي روڊ نارو واهه پل تان پنجاب جي علائقي سيالڪوٽ جي رهواسي محمد عثمان کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب اغوا کان بچي ويل شخص ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کان نامعلوم نمبر تان ڇوڪريءَ جي آواز ۾  ڪال ايندي هئي، جنهن سان ڳالهه ٻوله هلڻ بعد دوستي ٿي وئي، شادي ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو، ڪچي طرف وڃي رهيو هو ته کيس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.