اوٻاوڙو ۾ عدالت آندل ڏوهاري راهب شر ۽ موريو شر گهوٽڪي پوليس جي حراست مان فرار

اوٻاوڙو ۾ عدالت آندل ڏوهاري راهب شر ۽ موريو شر گهوٽڪي پوليس جي حراست مان فرار

اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض الله سميجو) گهوٽڪي پوليس جي حراست مان ڏوهاري راهب شر ۽ موريو شر فرار ٿي ويا، پوليس ڏوهارين کي گهوٽڪي جيل مان اوٻاوڙو جي عدالت پيش ڪرڻ لاءِ آندو هو‏، پوليس 15 کان وڌيڪ ڏوهارين کي ڪمري ۾ ويهاريو هو، ڏوهاري راحب شر ۽ موريو ڪورٽ جي احاطي مان پٺيان پاسي دري ٽوڙي  فرار ٿي ويا، ڏوهارين جي فرار ٿيڻ  بعد پوليس ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، رونتي جي ڪچي ۾ آپريشن بعد ڏوهاري راهب شر ۽ موريو شر 6 مهينا اڳ سرينڊر ڪيو هو، ڏوهاري راهب شر تي 40 ۽ موريو شر تي 15 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا، هوڏانهن ناڪابندي باوجود ڏوهاري گرفتار نه ٿي سگهيا هئا.
 

آءِ جي نوٽيس ورتو: 12 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار گرفتار

اوٻاوڙو:  آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، ڊيوٽي ۾ غفلت تي 12 کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جن کي حراست ۾ ورتو ويو، مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو.
 

ثنو شر، غلام قادر سوڌو 15 ڏوهاري آندا ويا هئا
 

اوٻاوڙو: گهوٽڪي جيل کان پيشي تي اوٻاوڙو ڪورٽ ۾ 15 کان وڌيڪ بدنام ڏوهارين کي آندو ويو هو جن ۾  ثنو شر، ننڊو ڀٽو، غلام قادر گهنڃون، ظهور شر ۽ ٻيا شامل هئا.
 

ٻئي ڏوهاري چپل ۽ ٽوپي ڇڏي ڀڄي ويا
 

اوٻاوڙو : ڏوهاري دري ٽوڙي ڀڄڻ وقت ٻاهران  چپل ۽ ٽوپي ڇڏي فرار ٿي ويا، ٽوپي ۽ چپل ڪورٽ جي پوئين پاسي ڪورٽ احاطي ۾ پيل ملي.