اوٻاوڙو ۾ مبينا مقابلو، هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو ۾ مبينا مقابلو، هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ، اوٻاوڙو پوليس موجب ريتي لنڪ روڊ تي گشت دوران ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو، جنهن جا ٽي ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مارجي ويل جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.