| اوٻاوڙو ۾ مزدورن ۾ ڪڻڪ جي اڍائي مڻ ٻوري کڻڻ جو مقابلو |
اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ۾ ٻن مزدورن وچ ۾ ڪڻڪ جي اڍائي مڻ جي ٻوري کڻي پيادل هلڻ جو مقابلو ٿيو، اوٻاوڙو جو رهواسي پريل شيخ ۽ ڪراچي واسي نوشاد ميمڻ وچ ۾ اهڙو مقابلو ٿيو، پريل شيخ پنج ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪڻڪ جي ٻوري ڪيرائي هارائي ويو جڏهن ته ڪراچي واسي نوشاد تقريبن ڇهھ ڪلو ميٽر سفر طئي ڪري هڪ لک رپيا ڪيش انعام پڻ کٽي ورتو، اهڙي مقابلي کي ڏسڻ لاءِ سوين شهري پهتا، فاتح جي حامين خوشي ۾ دهل شرنائن تي جهمريون هنيون، مزدورن چيو ته ڪڻڪ، ڀاڻ، ٻج وغيره جي گاڏين تي پورهيو ڪندا آهيون، هي سال ۾ هڪ دفعو فن جو مظاهرو ڪري پنهنجو شوق پورو ڪندا آهيون.