| اوٻاوڙو ۾ چوري جو الزام هڻي نينگر تي وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل |
اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ۾ چوري جو الزام هڻي نينگر تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڏيري جي ملازم پاران معمولي شيشي جا فلاور چوري ڪرڻ جو الزام هڻي نينگر بهادر شيخ کي گهر جي ٻاهران گهٽي مان کڻي ڪمري ۾ تشدد جو نشانو بڻايو، تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪري مک جوابدار خالد ملڪ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، وارثن جي پهچڻ تي تشدد ڪندڙن وڏيري جي ملازمن 3 ٽن ڄڻن خالد ملڪ، مهتاب ۽ نورحسن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو وارثن پاران ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل ٻه ڏينهن اسان جي نوجوان کي هر هڪ جوابدار گهٽي مان هٿيارن جي زور تي کڻي وڏيري گوگي خان ڏهر جي بنگلي تي وحشياڻو تشدد ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اسين وڏيري جي خوف ڪنهن کي به نه چيو ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ اسان کي پوليس گهرايو جيڪو اهڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. پوليس موجب تشدد واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.