اوٻاوڙي ويجهو وين ڪلٽي، 10 مسافر زخمي
جُون 5, 2025
اوٻاڙو ( پنهنجي ڊيسڪ ) کنڀڙا ٿاڻي جي حد گڊو لنڪ روڊ تي تيز رفتاري سبب وين ڪلٽي ٿي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ 10کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ واجد، پٺاڻي، ملوڪان، شبانه، شڪران ۽ ٻيا شامل، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته وين ميرپورماٿيلو کان ڪشمور طرف وڃي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي .