اوٻاوڙي ۾ الائنس شگرمل تي مبينا طور پوليس چڙهائي، 8 ڄڻا گرفتار

اوٻاوڙي ۾ الائنس شگرمل تي مبينا طور پوليس چڙهائي، 8 ڄڻا گرفتار

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ۾ الائنس شگرمل کي هڪ ٻيهر ٻيهر بند ڪرايو ويو آهي، ان حوالي سان پوليس مبينا طور چڙهائي ڪري شگرمل اندر رهندڙ مل جي آفيسرن جي ڪمرن جا دروازا ٽوڙي 8 کان وڌيڪ آفيسرن ۽ ملازمن  کي گرفتار ڪري کڻي وئي، شگرمل جي ٻاهران ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته شگرمل بند ڪرائڻ جو ڪارڻ معمول نه ٿي سگهيو،  ان حوالي سان شگرمل جي انتظاميه چوڌري تنوير جو چوڻ هو ته الائنس شگرمل ڏانهن ايندڙ ڪمند جي ٽرالين وارن کي روڪي هراسا ڪيو پيو وڃي،ڪمند جي ٽرالين کي ٻئي هنڌ موڪليو پيو وڃي، رات جو دير سان اوٻاوڙو پوليس چڙهائي ڪري ننڊ ستل آفيسرن جي ڪمرن جا دروازا ٽوڙي مل جي آفيسرن ۽ ملازمن سميت 8 ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي آهي، گرفتار ڪيل ملازمن ۾اي ڊي ناصر ،ڊي جي ايم فارم ڪين ايم حنيف،مسعودالحسن، عمرفاروق ۽ ٻيا شامل آهن، هن چيوته پوليس مقرر ڪري اسان کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ٻي طرف پوليس موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان کي مٿان کان حڪم آهي، ان حڪم مطابق سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون.