اوٻاوڙي ۾ انتظاميا جي نااهلي، نينگر گٽر نالي ۾ ڪري فوت، لاش رکي ڌرڻو
اپريل 27, 2025
اوٻاوڙو ( ن پ ا ) اوٻاوڙي جي مسلم ڪالوني واسي نينگر زبير ملڪ گم ٿي ويو هو وارثن پاران ڪافي ڳولا ڪئي پر پنج ڪلاڪ کان پوءِ سندس معصوم نينگر جو لاش گندي پاڻي جي گٽر مان هٿ ڪيو ويو، وارثن پاران لاش گٽر مان ڪڊي لاش کي کڻائي ڪورٽ اڳيان روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جتي وارثن حق نواز ملڪ صالح محمد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٽائون انتظاميه کي گٽرن جا ڊڪ نه هجڻ ڪري باربار شڪايتون ڪري چڪا آهيون ته اسان ٻار گهٽي ۾ راند ڪندا آهن گندي پاڻي جي گٽرن جا ڊڪ کليل آهن ان باوجود ٽائون انتظاميه کي ڪن تي جون به نه چري اڄ اسان جو معصوم نينگر ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو آهي اسان جو مطالبو آهي ته ٽائون انتظاميه مٿان اسان جي معصوم نينگر جي ايف آر درج ڪئي وڃين پو۽ اسان ڌرڻو ختم ڪندا سين هوڏانهن اوٻاوڙي ٿاڻي جو وڏو منشي شريف چانڊيو پهچي مظاهرين سان خاطري ڪرائڻ بعد هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو، وارث معصوم جي لاش کي کڻائي سول اسپتال پهتا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث لاش کي پنهنجي اباڻي گهر کڻائي ويا جتي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ماءُۡ پيءُ کي بيهوشي جا دوارا پوندا رهيا، جڏهن ته ماء ۽ پي جو اڪليو پٽ هئو معصوم نينگر جو پيءۡ حق نواز ملڪ ٽائون انتظاميه کي دانهون ڪندو پاراتا ڏيندو رهيو، هوڏانهن اهڙي واقعي جو هن مهل تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .