اوٻاوڙي ۾ حادثو: ڳوٺاڻو زال، ڌيءُ ۽ ڏوهٽي سميت فوت، ويڙهو ئي ويران

اوٻاوڙي ۾ حادثو: ڳوٺاڻو زال، ڌيءُ ۽ ڏوهٽي سميت فوت، ويڙهو ئي ويران

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙي ويجهو گڊو لنڪ روڊ تي ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون  ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي فوت ٿيويا. حادثي ۾ ڳوٺ شمس ڇپري واسي چار ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويلن ۾ صوبدار گرگيچ ۽ سندس گهر واري سڪي لڌي ۽ سندس نياڻي 20 ورهين ڪلثوم ۽ ان جو معصوم  پٽ  هڪ مهيني جو وسيم گرگيچ شامل هئا. حادثي جو اطلاع پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن کي ڏنو ويو پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون ۽ وارث حادثي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال بجاءِ وارثن حوالي ڪيا، جيڪي پنهنجي پيارن جا لاش ڳوٺ شمس ڇپري کڻائي ويا. لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇئنجي ويو. هوڏانهن ٽرڪ ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. ٽرڪ کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.